لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر صهيب مقصود چيو آهي ته ايشيا ڪپ 2022ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فائينل ٿيندي ڏسي رهيو آهيان. ڪرڪيٽر صهيب مقصود ٽوئٽر اسپيس تي مداحن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان، آسٽريليا، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2022ع جي سيمي فائنل ۾ نظر اچي رهيون آهن. هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ تقريبن 20 ڊوميسٽڪ ميچز ملنديون جن ۾ پرفارمنس ڏئي اسڪواڊ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندس. صهيب مقصود چيو ته جڏهن قومي ٽيم لاءِ کيڏجندا آهيون ته هر نمبر تي کيڏڻو پوندو آهي، ايندڙ ڊوميسٽڪ سيزن ۾ پرفارمنس ۽ فٽنس ٻنهي تي ڪم ڪندس.