برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گروپ اي ۾ آسٽريليا وومين ٽيم ڀارت کي 3 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. ڀارتي وومين ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارتي وومين ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنز ٺاهيون. هرمانپريت ڪور 52 ۽ شفالي ورما 48 رنز ٺاهي نمايان رهيون. آسٽريليا طرفان جيس جوناسن 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. آسٽريليا 19 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. گارڊنر 52 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. ڀارت طرفان رينوڪا سنگهه 4 وڪيٽون ورتيون. واضح رهي ته ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ٽي ٽوئنٽي وومين ڪرڪيٽ لاءِ اي ۽ بي گروپ ۾ 8 ٽيمن کي ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ آسٽريليا، ڀارت، پاڪستان ۽ باربوڊوس جون ٽيمون شامل آهن جڏهن ته گروپ بي ۾ انگلينڊ، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون شامل آهن.