لنڊن (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز عمران خان کي سياسي دهشتگرد قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران آرمي چيف جي مقرري ۾ رڪاوٽ وجهڻ چاهي ٿو، خوني انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ جو جمهوريت سان ڪهڙو تعلق، نوازشريف جي بي گناهي ثابت ٿي وئي، جلد وطن واپس اچي ويندو، پاناما بينچ جيڪو ڏوهه ڪيو، ان جي سزا پوري پاڪستان ڀوڳي، ڇا ڏوهه ڪندڙ بچي ويندا؟ لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم شهباز شريف ئي ڪندو، لانگ مارچ عمران خان جو آخري ڪارڊ هو اهو به هٿن مان ويو.  هن چيو ته عمران خان عوام جي ٽيڪس جو پئسو پنهنجي لانگ مارچ تي لڳائي ڇڏيو، قومي وسيلن کي مارچ جي نالي تي بيدرديءَ سان لٽيو پيو وڃي، ايترا ماڻهو مارچ ۾ ناهن جيترا پنجاب حڪومت پاران ماڻهو ان جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل آهن. نواز ليگ جي نائب صدر وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ڏوهن جي لسٽ ڊگهي آهي، عمران خان توشا خانه مان 50 ڪروڙ رپين جون شيون وڪرو ڪري چڪو آهي، 2 ڪروڙ ۾ هيرن جو سيٽ خريد ڪري 22 ڪروڙ ۾ دبئي ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو. لانگ مارچ عمران خان جي آخري ڪارڊ هيو اهو به هٿن مان نڪري ويو، ڇاڪاڻ عوام کيس رد ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته فارين فنڊڊ فتني ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو، هي چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ ٻڌايو نوازشريف ۽ زرداري چور آهن، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کيس نواز شريف جي ڪرپشن بابت ڪجهه چيو هو ته ثبوت عدالت ۾ ڇو نه ڏنا، عدالتون ثبوتن جي بنياد تي ئي فيصلا ڏينديون آهن، هي چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جيڪا پرچي ڏني اها پڙهي ٻڌائي. مريم نواز لانگ مارچ کي پارٽ ٽائيم قرار ڏيندي چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ پنجن ڏينهن کان لاهور ۾ ڦاٿل آهي، روز هي ٻه کان ٽي ڪلاڪ سفر ڪري لانگ مارچ ختم ڪري ڇڏين ٿا، سلسلو اهڙي نموني هلندو رهيو ته هي هڪ ميهني ۾ اسلام آباد پهچندا، نوازشريف واضح ڪري ڇڏيو آهي ته عمران جو وقت ختم ٿي ويو آهي، هي 2 هزار ماڻهو وٺي اچي يا 2 لک ماڻهو وٺي آهي، 124 ڇا ڀلي 224 ڏينهن اسلام آباد ۾ ويٺل رهي، هن فتني جي ڪا ڳالهه ناهي ٻڌڻي، ڇاڪاڻ هن جو مقصد قومي ناهي، عمران پاڪستان ۾ اسٽيڪ هولڊڊر ناهي، حڪيم رانا ثناءُ الله سڄو بندوبست  ڪيو، 2014ع جي ڌرڻي پويان طاقتور شخصيت هئي.هن چيو ته فتني کي روڪڻ هر اداري جو ڪم آهي پر پاڪستان جي تحفظ جي هن وقت سڀ کان وڏي ذميواري عدالتن  تي آهي، ڇاڪاڻ هي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهي، حڪومت جون ڪجهه مجبوريون هونديون آهن. نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته ڪوڙ، مڪاري ۽ دوکي سان قومي سلامتي خلاف سازشي بيانيو گهڙيو ويو، جنهن ڪري ڊي جي آءِ ايس آءِ کي عمران جي ڪوڙ جو جواب ڏيڻو پيو، عمران خان رات جو سندن پيرن ۾ ڪرندو آهي، جڏهن ته ڏينهن جو کين ڳچي کان پڪڙي ٿو، رات جو لڪي لڪي ملاقاتن بابت هاڻ قوم ڄاڻي چڪي آهي ۽ اها ان فتني تي يقين نٿي ڪري، ايندڙ ڏينهن عمران خان بابت وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون. مريم نواز وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسٽيبلشمينٽ جو اعلان نوازشريف جي بيانيي جي فتح آهي، نوازشريف چوندو رهيو ته سياست ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي، هر اداري کي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جيئن ئي سياست ۾ مداخلت ختم ٿي آهي، عمران خان جي قسمت ۾ روئڻ پٽڻ ۽ روڊن جي ڌوڙ چٽڻ بچيو آهي، خان هاڻ اسٽيبلشمينٽ کي ڌمڪائي رهيو آهي ته منهنجو ساٿ نه ڏنو ويو ته مير جعفر ۽ مير صادق سڏيندس. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪنهن ذاتي اصولن لاءِ ناهي پر ان لاءِ ته سندس سرپرستي ڪئي وڃي، عمران هاڻ به اها ئي اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿو، جيڪا هن جا هٿ، ڪن ۽ نڪ بڻجي وڃي، هي اسٽيبلشمينٽ کان اليڪشن جي تاريخ گهري رهيو آهي، اليڪشن ڪرائڻ ڇا اسٽيبلشمينٽ جو ڪم آهي، اسٽيبلشمينٽ تي اسانجي تنقيد ۽ عمران جي تنقيد ۾ فرق آهي، اسانجي تنقيد اصلاحي هئي. پاناما بينچ تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته سڄي قوم سامهون اها ڳالهه اچي وئي آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا بابت عمران خان جي واتان نڪتو ته مونکي جسٽس کوسا چيو ته هيڏانهن هوڏانهن ڇو ٿا ڦرندا وتو، مون وٽ آڻيو، نوازشريف ۽ پاڪستان جي سزا گڏ گڏ هلي، نوازشريف جي نااهلي ٿيندي سمورا سياسي ۽ معاشي اشارا خراب ٿيا، پاناما بينچ جيڪو ڏوهه ڪيو، اهو نوازشريف جي سياسي ۽ ذاتي نقصان تائين محدود نه آهي پر سڄي پاڪستان کي ان جي سزا ملي آهي، اوهان جو ڇا خيال آهي، جنهن ايڏو وڏو ڏوهه ڪيو آهي، اهو بچي ويندو. هن چيو ته منهنجي اپيل جي فيصلي ۾ مون سان گڏ نوازشريف جي به بي گناهي ثابت ٿي وئي، ججز چيو ته نوازشريف تي ڪوبه الزام ثابت ناهي ٿيو، هاڻ ميان صاحب تمام جلد ان معاملي کي قانوني طور اٿاريندو ۽ وطن واپس ايندو، ثاقب نثار جي دور ۾ هر ٽن چئن هفتن بعد نوازشريف کي نئين سزا ڏني ويندي هئي، تنهن هوندي به سچ ۽ حقيقتون هڪ ڏينهن سامهون اينديون. عمران جي نوازشريف کي چيلنج تي مريم نواز چيو ته نوازشريف کي هارائڻ جو چيلنج ڪندڙ عمران 2018ع ۾ به ميان صاحب کي نه هارائي سگهيو هو، آر ٽي ايس بند ڪرڻو پيو هو، نوازشريف جڏهن واپس ايندو ته پڇندس عمران ڪيڏانهن ويو. هن ارشد شريف قتل ڪيس بابت چيو ته سلمان اقبال کي پاڪستان واپس اچي سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن، سلمان اقبال خط ذريعي جواب ڏيڻ لاءِ چيو آهي پر اهو جواب قابل قبول نه هوندو.