اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم  جي ترجمان حافظ حمد الله ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ واري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ثابت ٿي ويو آهي ته فسطائي ذهن صرف آمراڻا مطالبا ئي ڪري سگهندو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته عمر ڀر توسيع واري بوٽ پالش ڪرڻ وارو مارشل لا جو مطالبو ڪري رهيو آهي، بندوق بردار مارچ مارشل لا لڳرائڻ جي چال آهي، حيران آهيان ته ملڪ ۾ مارشل لا جي مطالبي تي ڪنهن عدالت هن وقت تائين نوٽيس ڇو نه ورتو آهي؟ عدليه جي آئيني ذميواري آهي ته آئين جي حفاظت ڪئي وڃي، مارشل لا لڳرائڻ جي ڳالهه آئين جي خاتمي جي ڳالهه آهي، جيڪا صرف غداري آهي.