ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف پردي پويان ڳالهين وارين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف لاءِ ڪا پسند ناهي، لانگ مارچ آچر تائين اسلام آباد پهچڻ مشڪل آهي، تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي جي صدر پرويز خٽڪ چيو آهي ته نئين آرمي چيف لاءِ تحريڪ انصاف جو ڪوئي پسنديده اميدوار ناهي، اڳوڻي اسيپڪر پاڪستان اسد قيصر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته پاڪ فوج جي اعليٰ عهدي تي ڀرتي لاءِ هڪ طئي ٿيل طريقيڪار آهي، تحريڪ انصاف ان لاءِ نه ڪنهن جي حمايت ڪئي آهي ۽ نه وري اسلام آباد ڏانهن ٿيندڙ لانگ مارچ جو ان مقرري سان ڪو تعلق آهي. هن ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته تحريڪ انصاف واضح طور تي ان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته آرمي چيف جي عهدي لاءِ ڪنهن به اميدوار تي ڪو اعتراض ناهي، اسان کي موجوده نظام تحت ڪنهن به نامزدگي تي ڪوبه اعتراض نه آهي، فوجي جنرل ڪنهن جو اميدوار نه ٿو ٿي سگهي، ڪو بيوقوف ئي اهڙي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر پردي پويان رابطن وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پردي پويان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، عوام جا فيصلا هاڻ لنڊن، آمريڪا يا بند ڪمرن ۾ نه ٿيندا، نوازشريف جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته ميان صاحب جي ٽي روڊ هاڻ بدلجي چڪو آهي. فواد چوڌري چيو ته نوازشريف چوي ٿو ته 2 هزار ماڻهو آهن ته پوءِ ڊڄڻ ڇو ٿا، اسان کي اچڻ ڏيو، نوازشريف جي ڀاءُ جي پاڪستان ۾ حڪومت آهي پر هو وطن واپس نه ٿو اچي، نوازشريف جو خاندان شهبازشريف تي اعتماد نه ٿو ڪري ته سيڙپڪار ڇا اعتماد ڪندا، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عوام کڻي اڇلائي ڇڏيو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته آچر تائين لانگ مارچ اسلام آباد پهچڻ ممڪن نه ٿو لڳي،  گجرانوالا ۾ شاهه محمود قريشي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اڄ 2 نومبر تي پنڊي باءِ  پاس تان لانگ مارچ ٻيهر شروع ٿيندو، جيڪو راوالي تان گذري گکهڙ تي پڄاڻي ڪندو، 3 نومبر تي اسان وزيرآباد ۽ گجرات پهچنداسين، جتي پرويز الاهي وٽ ترسنداسين، جمعي تي لالا موسيٰ پهچنداسين، آچر تائين اسلام آباد پهچڻ جو منصوبو هو پر هاڻ آچر تائين پهچڻ ممڪن نه ٿو لڳي.