اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانه ڪيس بابت پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي چيف آف اسٽاف سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته توشا خانه ريفرنس ڪيس جي سومر تي ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي آهي، ڊڪليئريشنس، ادا ٿيل ٽيڪسن سميت تمام لاڳاپيل دستاويز ۽ تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪري چڪا آهيون، اسان جي مخالفن کي انشاءَ الله هڪ ڀيرو وري منهن ڀر ڪرڻو پوندو.