اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ 21 سيپٽمبر تي ڪندي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي به 2 رڪني بئنچ جو حصو هوندو، عدالت ڪيس جي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، واضح رهي ته اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق دار چار سال اڳ لنڊن هليو ويو هو.