عمرڪوٽ: ٻوڏ متاثرن وڏي وزير کي روڪي ورتو، گاڏي آڏو احتجاج

0
149

عمرڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي گاڏي کي ڇاڇرو روڊ تي روڪي ڇڏيو

ٻوڏ متاثرن سنڌ جي وڏي وزير کي شڪايتون ڪيون ۽ مطالبو ڪيو ته سندن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس اچي سگهن

سنڌ جي وڏي وزير متاثرن کي يقين ڏياريو ته سندن مسئلا جلد حل ڪيا ويندا جنهن بعد متاثرين کين وڃڻ جي اجازت ڏني

ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته توهان تنقيد ضرور ڪريو پر اهو به ٻڌايو ته مسئلو ڪٿي آهي، مان پاڻ هر هنڌ پهچي رهيو آهيان

ان کان اڳ ٻوڏ متاثرن سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني، منظور وساڻ ۽ خورشيد شاهه جي پٽ جي گاڏين کي به روڪيو هو