لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پنجاب جي نگران حڪومت ۾ زمان هائوس جي تلاشي تان ڊيڊلاڪ پيدا ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان زمان پارڪ جي جھڙتي وٺڻ نه ڏني، جڏهن ته پنجاب حڪومت دهشتگردن جي لسٽ پي ٽي آءِ سربراهه کي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ مراد سعيد، حماد اظهر،اعظم سواتي ۽ ٻيا جوابدار طور شامل ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان زمان پارڪ جي جھڙتي لآءِ پنجاب حڪومت آڏو شرط رکي ڇڏيا آهن. ڪالهه لاهور پوليس  تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهر جي تلاشي لاءِ سرچ وارنٽ حاصل ڪري ورتا. پوليس موجب گهر جي تلاشي لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر ۽ عورت پوليس اهلڪار به موجود هونديون، جنهن دوران گهر جي اندروني ۽ ٻاهرين حصن ۾ سرچنگ ڪئي ويندي، جڏهن ته ان دوران ڪمشنر لاهور ڊويزن به موجود هوندو. پوليس عمران خان جي گهر ٻاهران ۽ اندر اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ان کان اڳ لاهور جي ڪمشنر جي سربراهي ۾ پوليس ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن تي ٻڌل ٽيم زمان پارڪ ۾ داخل ٿي ۽ عمران خان جي وڪيلن کي وارنٽ ڏيکاريا، حڪومتي ٽيم ۾ ڊي سي او لاهور رافعه حيدر، ڊي آءِ جي آپريشنز صادق علي ڊوگر ۽ ايس ايس پي صهيب اشرف موجود هئا، لاهور جو ڪمشنر محمد علي رنڌاوا پوليس آفيسرن سان گڏ عمران خان جي رهائشگاهه ۾ داخل ٿيو. ڌرين ۾ ڳالهين ٻولهه سٺي ماحول ۾ تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، جنهن کانپوءِ ڪمشنر عمران خان جي رهائشگاهه مان نڪتو ۽ آپريشن بابت ڪنهن به قسم جي سوالن جا جواب ڏيڻ بنا روانو ٿي ويو. حڪومتي ٽيم دهشتگردن بابت سموريون شاهديون زمان پارڪ انتظاميا حوالي ڪيون، عمران خان جي ملازمن طرفان انتظاميا کي گهر جي تلاشي جي اجازت نه ڏني وئي، جڏهن ته عمران خان سرچ آپريشن لاءِ شرط رکيا آهن.حڪومتي ذريعن موجب ڪمشنر دهشتگردن جي لسٽ عمران خان حوالي ڪئي ۽ عمران خان کي وفد ٻڌايو ته ڪيترن ئي دهشتگردن کي هتان فرار ٿيندي پڪڙيو ويو آهي ۽ ڪيترن کي ئي هتان ڀڄايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي رهائشگاهه ۾ موجود ملازمن ۽ اڳواڻن کي ڇاپي دوران پوليس سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن پنجاب جي اطلاعات بابت نگران صوبائي وزير عامر مير چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ سرچ آپريشن بابت ڊيڊلاڪ آهي. سرچ آپريشن جي حوالي سان اتفاق ناهي ٿي سگهيو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عامر مير چيو ته 22 سئو ماڻهن جي لسٽ عمران خان کي ڏني آهي ته اهي ماڻهو حملن ۾ ملوث آهن.  عمران خان جو شرط آهي ته گھڻا پوليس اهلڪار آپريشن لاءِ نه اچن.  صرف چار اهلڪار سرچ آپريشن ڪرڻ اچن. هن چيو ته اسان جيڪا لسٽ ڏني آهي ان ۾ مراد سعيد، حسان نيازي، زبير نيازي، اعظم سواتي، حماد اظهر شامل آهن جيڪي هنن واقعن ۾ ملوث آهن، هن چيو ته خان صاحب گرفتاري کان اڳ پلاننگ ڪري ڇڏي هئي. اها ڳالهه گرفتار ٿيلن ٻڌائي آهي. هنن ٻڌايو آهي ته اهو به طئي ڪيل هو ته گوجرانوالا جي ڪورڪمانڊر جي گھر تي به حملو ڪرڻو هو.  عامر مير وڌيڪ چيو ته اسان هنن کي نالا ڏئي ڇڏيا آهن، کين ڪالهه به نالا ڏنا آهن، اڄ به ڏينداسين. ماڻهو روپ مٽائي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. عمران کي ٻڌايو آهي ته 2200 ماڻهو گھربل آهن. عمران خان چوي ٿو جن ماڻهن جي لسٽ ڏني آهي اهي هتي نه آهن.  هن چيو ته 8 سو کان 9 سو ماڻهو اهڙا آهن جن تي سنگين ڪيس آهن. ڪجھه جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ آهن ڪجهه جا دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ آهن. جوابدارن جي جيو فينسينگ ڪئي ته زمان پارڪ جي لوڪيشن آئي. هن چيو ته عمران خان اڪيلو سياستدان آهين جنهن فوجي ملڪيتن تي حملي جي 8 ڏينهن بعد مذمت ڪئي. ايم پي او تحت ماڻهن کي ان ڪري نظر بند ڪيو آهي جو انهن اڳ جيڪو ڪيو اهو ٻيهر به ڪري سگهن ٿا. عامر مير موجب سياسي حڪومت ناهي، نگران حڪومت آهي ته ڇا ان جو مطلب آهي ته قانون جي حڪمراني ئي نه هجي؟  ٻئي پاسي زمان پارڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ وڌيڪ 6 دهشتگرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، سي سي پي او لاهور بلال صديق چيو آهي ته زمان پارڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ وڌيڪ 6 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن، 2 عسڪري ٽاور ۽ 2 ڪور ڪمانڊر هائوس حملي ۾ ملوث هئا ، گرفتار دهشتگردن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي ٿاڻي تي حملي جي ڪيس ۾ 35 ڄڻا گرفار ڪيا ويا آهن. پوليس موجب ٿاڻي تي حملي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيلن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان پڪڙيو آهي.  ٻئي پاسي ڳالهين بعد عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هنن چيو آهي ته سمورا گھر ڀاتي ٻاهر ڪڍو پوءِ سرچ آپريشن ڪنداسين. مون زمان پارڪ جي تلاشي جي اجازت ناهي ڏني، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻڌايل طريقيڪار تحت آپريشن ڪرڻو آهي ته اجازت ڏيندس. هاءِ ڪورٽ جي حڪمن موجب هڪڙو ماڻهو هنن پاران ۽ هڪڙو اسان جو هوندو ۽ هڪڙي ليڊيز پوليس اهلڪار هوندي. هن چيو ته اسين هر هر ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي مذمت ڪري رهيا آهيون، پوري قيادت مذمت ڪري چڪي آهي. صرف جناح هائوس ناهي جيڪي به عمارتون ساڙيون ويون انهن جي مذمت ڪئي آهي.  عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هي ثبوت ڏين ته اسان جا ماڻهو ملوث آهن ته کين پڪڙائڻ ۾ مدد ڪنداسين. ڪارروائي جي اوٽ ۾ هڪس ازش تحت پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هي ڪيئن ٿا چئي سگهن ته ساڍا ست هزار ماڻهو ۽ پوري قيادت ملوث آهي، هنن مون کي 8 نالا ڏنا جيڪي گھربل آهن. مون کي چيو ويو انهن 8 گھربل ماڻهن کي اپيل ڪريو ته پاڻ کي حوالي ڪن. مون انهن کان پڇيو جيڪي توهان جي حوالي آهن انهن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿي رهيو آهي؟.