لاهور ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪريان ٿو، پهريان به ڪئي ۽ هر پاڪستاني مذمت ڪري ٿو، ان سان پاڪستان جي بدنامي ها، عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ميڊيا کي پنهنجو گهر کولي ڏيکاري ڇڏيو، دهشتگردن جي موجودگي واري ڳالهين ۾ ڪا صداقت ناهي، هن چيو ته خوف جي فضا ۾ ملڪ نٿو هلي سگهي، پي ڊي ايم جي قدمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي ڪري ملڪ جي بدنامي ٿي، 7 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري پي ڊي ايم ڦاسي پئي آهي، انهي بنياد تي چوندو هيس هفتي ۾ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا. هوڏانهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران چيو ته منهنجون همدرديون انهن سان گڏ آهن جن تي دٻاءُ وجهي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته انهن سينئر ميمبرن کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي پارٽي ڇڏرائڻ جي دٻاءَ باوجود مزاحمت ڪري رهيا آهن. هوڏانهن زمان پارڪ ۾ نگران پنجاب حڪومت سان ڳالهين بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته آئون پارليامينٽ نه ويندس منهنجي پارٽي جا ماڻهو  ويندا.  پارليامينٽ وڃڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي اواز اٿارجي. هن وڌيڪ چيو ته ملٽري ڪورٽون 2019 ۾ ئي ختم ٿي ويون هيون، هاڻي اهي ٺهي ئي نٿيون سگھن، هن چيو ته پي ڊي ايم وارن سان اسٽيبلشمينٽ اقتدار ۾ ويٺي آهي پوءِ به چونڊن کان ڊڄي رهيا آهن. عمران خان چيو ته 14 مئي تي پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي ٿي چڪي آهي. اڄ نه ته سڀاڻي آئين جي ان ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته ڪور ڪمانڊر جي گھر تي حملي جي خبر آهي، باقي ڪهڙي فوجي ملڪيتن تي حملا ٿيا مون کي خبر ناهي، جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي سز اڏني وڃي.