اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته 9 مئي وارو واقعو تمام وڏو سانحو هو، ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي واقعن ۾ جيڪو به ملوث آهي انهن کي سزا ملڻ گھرجي.  خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته انهن واقعن جي جاچ لاءِ آزاد ۽ شفاف ڪميشن جوڙڻ گھرجي. هنن واقعن ۾اهڙا ماڻهو ملوث هئا جيڪي اسان جي پارٽي جا نه هئا. اسان سڀني 9 مئي واقعن جي مذمت ڪئي آهي. حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ضروري آهي ته آزادااڻي شفاف جاچ ٿئي. شفقت محمود وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي ڪوشش آهي ته عمران خان کي ٻاهر ڪن. عمران خان به شروع ۾ ئي 9 مئي وارن واقعن تي افسوس جو اظهار ڪيو هو. واقعن جي جاچ ڪرايو، پي ڊي ايم تي نه ڇڏيو. هن چيو ته اسان جي جماعت ۾ عمران جي گرفتاري بعد ادارن تي حملو جو ڪو پلان نه هو. سڀ کان وڏي پارٽي خلاف بنا جاچ جي ڪارروائي ڇا مسئلن جو حل هوندي؟ پي ٽي آءِ سان جيڪو ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار پي ڊي ايم جي حڪومت آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.  هي وقت ويڇا وڌائڻ جو نه آهي.  هي اليڪشن تي ڳالهيون ڪندي ڪندي هليا ويا. اسين ته اڄ به اليڪشن تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.  شفقت محمود جو چوڻ هو ته ضروري آهي ته اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن جو اسين اليڪشن ڏانهن وڃي سگهون.  پر اسان جي خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.  جيڪي چئي رهيا آهن ته اهو مڪافات عمل آهي اهي مڃي رهيا آهن ته هي انتقامي ڪارروائي پئي ٿئي. اسان جي قيادت سان جيڪو ٿئي پيو ڇا اهو قانون موجب آهي؟