لاهور ( اسپورٽس نيوز ) ڪامران اڪمل چيو آهي ته رڳو عمران خان جي خواهش تي نئون نظام آندو ويو جنهنڪري اسان جي ڪرڪيٽ تباهه ٿي وئي.خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته  45، 40 سالا پراڻو سسٽم ختم ڪيو ويو  ۽ ريجنل ڪرڪيٽ متعارف ڪرائي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊيپارٽمنٽ ڪرڪيٽ تباهه ٿي وئي. ڪامران اڪمل وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ عمران خان اسان جو آئيڊيل آهي، هو پاڪستان جو عظيم ڪپتان رهيو  پر ڪو کائنس پڇي ته هو 1992ع ۾ ريٽائرمينٽ کانپوءِ اڄ تائين ڪهڙي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ويو آهي؟ هن چيو ته ڊيپارٽمنٽ ڪرڪيٽ ڪيئي عظيم رانديگر پيدا ڪيا.