ڪراچي(شوبز نيوز) ارطغرل غازي جو اداڪار متاثرن جي مدد جي لاءِ پاڪستان پهتو آهي، امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. جڳ مشهور ڊرامي ارطغرل غازي ۾ عبدالرحمٰن جو ڪردار نڀائڻ وارو ترڪيءَ جو اداڪار جلال آل پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد جي لاءِ ڪراچي پهچي ويو آهي. ڪراچي پهچڻ کانپوءِ ترڪ اداڪار سنڌ ۾ رضاڪاراڻي طور تي خدمتون سرانجام ڏيندي امدادي سامان جون ٻوريون پنهنجي ڪلهن تي ٻوڏ متاثرن جي خيمن تائين پهچايون. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جلال آل سنڌ جي ٻوڏ متاثرن سان گڏجي سڏجي امدادي سرگرمين ۾ شامل آهي. جلال آل انسٽاگرام تي ٻوڏ متاثرن سان گڏ هڪ وڊيو اپلوڊ ڪندي لکيو آهي ته ترڪيا زنده آباد، پاڪستان زنده آباد، ٻوڏ جي تباهين جي ڪري چار ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جڏهن ته هزارين ماڻهن جون زندگيون ضايع ٿي ويون آهن. هن پنهنجي فالوورز کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امداد گڏ ڪرڻ جي اپيل به ڪئي.