ڪراچي(شوبز نيوز)  سنڌي نوجوان امان الله پاران ٺاھيل شارٽ هارر فلم جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، فلم ڳوٺ جا نوجوان ملي ڪري ٺاھي رھيا آھن سڄي ايڊيٽنگ نوجوان امان الله ڪئي آھي، ھن کان اڳ به ان ئي فلم جو ھڪ ٽريلر جاري ڪيو ويو ھو، برساتن ۽ ٻوڏ سبب فلم جي رڪارڊنگ رهيل آھي جيڪا صورتحال نارمل ٿيڻ بعد ٻيھر شروع ڪئي ويندي، فلم جي سڄي رڪارڊنگ موبائل تي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايڊيٽنگ ڪمپيوٽر تي ڪئي وئي آهي، فلم جو ٽريلر ڏسي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ هالي ووڊ جي ڪنهن فلم جو ٽريلر آهي، جلد فلم رليز ٿيندي ۽ ڏسندڙن کي ضرور پسند ايندي .فيس بڪ اڪائونٽ تي اوهان به هن لنڪ “https://www.facebook.com/aslam.chhachhar/videos/1152340125638746” ذريعي فلم جو ٽريلر ڏسي سگهجي ٿو.