دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ مداحن جي تنقيد تي ردعمل ڏنو آهي. دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ثقلين مشتاق چيو ته ٻاهر ويٺل ماڻهو ان ڳالهه جو اندازو نه ٿا ڪري سگهن ته ڊريسنگ روم يا رانديگرن جي دماغ ۾ ڇا هلي رهيو آهي، اهي صرف ميچ کانپوءِ اسڪور ڪارڊ هٿ ۾ پڪڙي تبصرو ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن. هن چيو ته آصف علي جي هٿ ۾ 4 ٽاڪا لڳل ان باوجود اهو کيڏي رهيو هو، شاداب بابت هيڊ ڪوچ انڪشاف ڪيو ته هن جي مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب فيلڊنگ دوران هن جي ڪن مان رت وهي رهيو هو پر پوءِ به اهو بيٽنگ ڪرڻ ويو، تنهن ڪري انهن ماڻهن کي رانديگرن جي صورتحال جو علم ناهي.