لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي وزيرآباد ۾ ٿيل حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اختلافن جو شڪار ٿي وئي، ميمبرن جي آءِ ٽي سربراهه تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ان جي رپورٽ تي سوال اٿاري ڇڏيا. ميمبرن چيو آهي ته جوابدار نويد حملي ۾ اڪيلو ملوث هو، ان جا ٻئي ڪنهن سان رابطن جا ثبوت نه مليا آهن، جاچ رپورٽ ۾ اهم ڳالهيون ۽ اسان جا رايا شامل ڪرڻ نه ڏنا ويا. پي ٽي آءِ ۽ ان جي چيئرمين جي آءِ ٽي ميمبرن تي دٻاءُ وجهڻ جو الزام هڻي ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي وزيرآباد ۾ ٿيل حملي جي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم جي آءِ ٽي اختلافن جو شڪار ٿي وئي آهي، جي آءِ ٽي سربراهه غلام محمد ڊوگر اينٽي ڪرپشن جي آفيسر انور شاهه کي معاملي جي جاچ ڏني آهي، انور شاهه ئي جوابدار نويد بشير کان جاچ ڪري رهيو آهي. ٻين ميمبرن خرم شاهه، نصيب الله، احسان لله ۽ ملڪ طارق محبوب کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي جنهن تي هو ڪاوڙجي پيا آهن هنن گهرو وزارت ۽ آءِ جي پنجاب کي به آگاهه ڪيو آهي. هنن سي سي پي او ۽ انور شاهه جي جوابدار نويد کان پڇا ڳاڇا تي به اختلاف ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اسان ان جاچ کي نه ٿا مڃون ڇاڪاڻ ته طئي ٿيو هو ته روز ميٽنگ منٽس تيار ڪيا ويندا ۽ عمران خان سان ڪنٽينر تي موجود ماڻهن کي به جاچ لاءِ سڏايو ويندو پر اڃا تائين ڪنهن کي به نه سڏايو ويو آهي.  جي آءِ ٽي جي ميمبرن رپورٽ تي اعتراض واريندي سنگين الزام هنيا آهن. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب جي آءِ ٽي جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته عمران خان تي حملي ۾ هڪ کان وڌيڪ حملو ڪندڙن جا ڪي به پڪا ثبوت نه ملي سگهيا آهن. جڏهن ته حملي جي منصوبابندي ۾ مک جوابدار نويد سان ڪنهن ٻئي جي رابطي جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن. ميمبرن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ گرفتار ٻئي جوابدار وقاص جو ڪردار رڳو سهولتڪار جو هو ان کان وڌيڪ ڪجهه نه هو. اهو به طئي نه ٿي سگهيو آهي ته حملي وقت فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪارڪن معظم جي موت جو ذميوار ڪير هو؟ ميمبرن ٻڌايو ته اها انڪوائري جي آءِ ٽي جي ڪنوير ۽ سندس مددگار ميمبر انور شاهه ڪئي. اسان جي راءِ کي گهربل اهميت نه ڏني وئي. انڪوائري ۾ پيشيواراڻا رايا ۽ مواد شامل ڪرڻ نه ڏنو ويو. هنن اهو به ٻڌايو ته 17 ڊسمبر تي ئي هڪ ميمبر سنجيده اعتراض واريا هئا، پر جنهن ميمبر اعتراض واريا ان کي 29 ڊسمبر تي ٿيل اجلاس ۾ سڏايو ئي نه ويو هو.