رياض/ اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جنيوا کان پوءِ سعودي عرب پاران به پاڪستان لاءِ وڏي خوشخبري، وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۾ سرمائيڪاري 10 ارب ڊالر کان وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سعودي حڪومت پاران اعلان مطابق سعودي ولي عهد اهي قدم وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه جي فريم ورڪ تحت کنيا آهن، پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر سرمائيڪاري جو اعلان 25 آگسٽ 2022ع تي ٿيو هو، سعودي ولي عهد اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ رکيل ڊيپازٽ جي رقم ۾ پڻ 2 ارب واڌ جو اعلان ڪيو آهي، سعودي ارب جا اڳ ۾ 3 ارب رکيل آهن 2 ارب وڌائڻ سان اها رقم 5 ارب ڊالر ٿي ويندي، سعودي ولي عهد ڊپازٽ جي رقم جي مدت وڌائڻ لاءِ جائزي جي به هدايت ڪئي آهي، سعودي عرب اهي قدم برادر ملڪ پاڪستان جي معيشت ۽ ان جي عوام جي حمايت ۾کنيا آهن. ٻئي طرف  وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي لاءِ جنيوا ۾ عالمي ڪانفرنس جي نتيجن بابت اڄ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو، پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي امداد جي اعلانن جي حوالي سان آگاهه ڪندو، وزيراعظم سان گڏ ويل وزير به ان موقعي تي موجود هوندا، وزيراعظم ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي به خيالن جو اظهار ڪندو، ذريعن مطابق پريس ڪانفرنس اڄ منجهند جو هڪ وڳي متوقع آهي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ريسيلينٽ پاڪستان ڪانفنرس کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ملڪن جي سربراهن، حڪومتن، يورپي يونين، دولپمينٽ پارٽنرز ۽ اقوام متحده جا تمام گهڻا شگرگذار آهيون، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو آهي ته اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ان حوالي سان بي مثال ليڊرشپ جو مظاهرو ڪيو، جنهن تي پاڪستان جو عوام هميشه شڪرگذار رهندو، دنيا ڏٺو ته ڪيئن ڏکي انسانيت کي مصيبت مان ڪڍڻ لاءِ قومون گڏ ٿينديون آهن، مان جنيوا ڪانفرنس ۾ همدردي جي اظهار تي بيحد متاثر ٿيو آهيان. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ٻوڏ متاثرن جي لاءِ جنيوا ۾ ڪاميابي ڪانفرنس دوران 9 ارب ڊالر جمع ڪيا، جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو آهي ته اسان پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽري سميت تمام عالمي برادري جا شڪر گذار آهيون، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ ڪوشان آهيون، اقوام متحده، چين، آمريڪا، فرانس سميت تمام ڊونرز ۽ وچ اوڀر جي ملڪن جا جا شڪر گذار آهيون، ڪانفرنس اسان جي اميدن کان وڌيڪ ڪامياب ٿي، ورلڊ بينڪ، اسلامي ترقياتي بينڪ سميت ٻين عالمي ادارن جا به شڪرگذار آهيون، هن چيو ته 9 ارب ڊالرن جا اعلان اسان جي حدف کان به وڌيڪ آهن، جلد بحالي ۽ نئين سر تعمير جو عمل شروع ٿيندو. هوڏانهن  سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جو شڪريو ادا ڪيون ٿا، شفافيت سان فنڊن جي امانت عوام تائين پهچائينداسين ۽ انهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻينداسين، انسانيت ۽ موسمياتي تبديلين جي مقصد کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي عالمي ۽ ملڪي ميڊيا جا شڪرگذار آهيون، هي ڪانفرنس انساني جي اجتماعي احساس جي علامت بڻي، وسيلن جي فراهمي سان ٻوڏ متاثرن جي نئين ۽ بهتر زندگي شروع ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪانفرنس ۾ موسمياتي تبديلين جي سنگين اثرن جو دنيا کي احساس ڏياريو، هن ڪانفرنس موسمياتي تبديلين جي اجتماعي چيلينج جو اجتماعي طور تي مقابلو ڪرڻ جي سوچ کي ايڪشن ۾ بدلايو آهي، ڪانفرنس انسانيت ۽ ماحولياتي بهتري ۾ اهم عالمي فورم ثابت ٿيندي، عالمي فورمتي پاڪستان ۽ سڀني صوبن پاران ڪيس پيش ڪرڻ ۽ ان جي حمايت ڪندڙ ملڪي ۽ غير ملڪي شرڪت ڪندڙن جو به شڪريو ادا ڪريون ٿا.