اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران گاڏي ۾ ئي موجود رهيو، عدالت کي ٻاهر جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو،  جنهن تي جج چيو ته عمران جي حاضري لڳرائڻ لاءِ اهلڪار کي ٻاهر موڪليون ٿا، عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز کي به عمران خان کان گاڏي ۾ موجودگي دوران ئي حاضري لڳرائڻ لاءِ موڪليو، عمران جي حاضري لڳرائڻ لاءِ ويل ٽيم واپس عدالتي ڪمري ۾ پهتي، جج ايس ايس پي کان پڇا ڪئي ته اوهان سان گڏ شبلي فراز به ويو هو اهو ڪٿي آهي؟ ايس ايس پي جواب ڏنو ته اسان کي خبر ناهي ڪٿي آهي دستاويز به ان وٽ هئا. وڪيل بابر اعواڻ ايس ايس پي کان پڇا ڪئي ته اوهان ٺيڪ آهيو؟ جنهن تي ايس ايس پي چيو ته منهنجي ڄنگهه زخمي آهي، شايد ڀڄي پئي آهي، جج چيو ته ٻيو ڳالهيون ڇڏيو اهو ٻڌايو ته منهنجي آرڊر شيٽ ڪٿي آهي؟ ٽيم سان گڏ ويل عمران جي وڪيل گوهر خان جواب ڏنو ته عمران جي گاڏي ۾ صحيح وٺي رهيا هئاسين ته اوچتو شيلنگ شروع ٿي وئي ته مون کان فائل ورتو ويو. وڪيل خواجه حارث چيو ته فائل گم ٿي ويو اهو سنجيده معاملو آهي. جج ايس ايس پي کي فائل ڳولڻ جو حڪم ڏنو، ايس پي چيو ته 10 منٽ ڏيو فائل ڳولي اچان ٿو، عمران جي وڪيل چيو ته فائل پوليس وٽ آهي، ايس پي مون کان صحيح ٿيل فائل ورتو، جج چيو ته جنهن به فائل گم ڪيو آهي ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.پوليس آفيسر چيو ته شيلنگ دوران فائل ڪٿي وڃائجي ويو، جج پڇا ڪئي ته عمران صحيح ڪئي هئي؟ ايس پي چيو ته ان جي باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهجي، شيلنگ سبب مون کي اڳتي وڃڻ جو موقعو نه مليو، شبلي فراز، علي محمد خان ۽ ٻيا فائل کڻي ويا هئا جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.