ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت واري وفاقي وزير قادر پٽيل  پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ذهني حالت تي سواليه نشان اٿاريندي چيو آهي ته عمران خان جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾  انڪشاف ٿيو آهي ته هو شراب ۽ ڪوڪين جو استعمال ڪندو رهيو آهي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نيب پاران  گرفتاري کانپوءِ عمران خان کي پمز اسپتال نيو ويو هو، اتان جي ميڊيڪل بورڊ عمران جي پيشاب جو نمونو به ورتو هو، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شروعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته عمران خان جي نمونن ۾ شراب ۽ ڪوڪين جا جزا مليا آهن، هن چيو ته عمران ڇهن مهينن تائين ڄنگهه تي پلستر  چاڙهي گهمندو رهيو پر ميڊيڪل رپورٽ ۾ فريڪچر جو ذڪر ناهي، هن چيو ته رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ذهني حالت تي سواليه نشان آهن، هن چيو ته ڊيم واري جج عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو ويو هو، انهي عمران خان نوجوانن کي جيڪو رستو ڏيکايو، انهي جو نتيجو سڀني ڏٺو آهي.