اسلام آباد (بيورورپورٽ)وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان جو ٽرائل به ملٽري ڪورٽ جي زمري ۾ اچي ٿو، 9مئي جي واقعن پٺيان عمران آهي، واقعن بابت عمران جون تقريرون موجود آهن، پهريان کان ئي جي ايچ ڪيو ۽ ٻين عمارتن تي حملن جي رٿابندي ڪئي وئي هئي، 499مان رڳو 6ڪيس امڪاني طور  ملٽري ڪورٽ ۾ هلي سگهن ٿا، پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته پنجاب مان رڳو 19 ۽ ڪي پي مان 14جوابدارن کي ملٽري اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي، 9مئي واقعن تي مجموعي طور 499 ايف آءِ آرز داخل آهن جن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اي ٽي اي جي ڪيسن ۾ 3944 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 88 دهشتگردي ٽوڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. گهرو وزير چيو ته اعتراض اٿاريو پيو وڃي ته ملٽري ايڪٽ سولين تي لاڳو ٿي رهيو آهي، فوجي ملڪيتن تي حملا ڪندڙن، موڪليندڙن ۽ مدد ڪندڙن تي ملٽري ايڪٽ لڳندو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ ملٽري ايڪٽ اتي لاڳو ٿئي ٿو جتي دفاع بابت هنڌ هجي جڏهن ته جناح هائوس ڪور ڪمانڊر رهائشگاهه ۽ ڪيمپ هائوس هو، ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ تمام حساس شيون موجود هيون اتان کنيل شيون جيڪڏهن ڪنهن پاڙيسري ملڪ کان استعمال ٿي وڃي ته ڇا اهو سياسي احتجاج هوندو. گهرو وزير چيو ته قوم فتني کي نه سڃاتو ته هي فتنو قوم کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو عمران سال کان نفرت جي سياست ڪري رهيو آهي،نفرت جي سياست ۾ اسلام آباد تي حملو ڪرڻو هو ،هڪ پروگرام تحت ماڻهن کي پيٽرول بم ٺاهڻ جي تربيت ڏني وئي.