لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان هيروئن ۽ ڪوڪين جا الزام هڻندڙ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. عمران خان چيو آهي ته ملڪ مان ٻاهر نه پر جبلن تي ويندس، حڪومت جا ٿورا جنهن منهنجو نالو نو فلاءِ لسٽ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي موجب بيرسٽر ابوذر سلمان جي سربراهي ۾ عمران خان جي قانوني ٽيم قانوني ڪارروائي لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ پاران صحت واري وزير ۽ پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب قادر پٽيل خلاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جي الزام هيٺ ڪارروائي ڪئي ويندي. عمران خان قادر پٽيل ۽ نيب خلاف به ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ صحت واري وزير جي معاونن جي خلاف به ڪاروائي جي تياري شروع ڪري ڏني آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نو فلاءِ لسٽ ۾ نالو وجهڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. عمران خان چيو آهي ته آئون حڪومت جا ٿورا مڃان ٿو ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي ڇو ته ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو منهنجو ڪو ارادو ناهي نه ئي ٻاهرين ملڪ منهنجي ڪا ملڪيت، بينڪ اڪائونٽ يا ڪاروبار آهي. عمران خان چيو ته جيڪڏهن مون کي موڪلن جو موقعو مليو ته اترين جبلن تي ويندس جيڪا زمين تي منهنجي پسنديده جاءِ آهي. عمران خان چيو ته ڪير هوندو جنهن 9 مئي واقعن جي مذمت نه ڪئي هئي، واقعن جي خبر عدالت ۾ پئي، ان ئي وقت چيف جسٽس جي سامهون مذمت ڪئي هئم. ڪير چاهيندو ته پاڪستان جي فوج ڪمزور ٿئي. فوج ڪمزور ٿيڻ جو مطلب ملڪ ڪمزور ٿئي.  عمران خان وڌيڪ چيو ته 9 مئي واقعن جي جاچ ٿيڻ بنا ئي پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف کي ڪريش ڪيو پيو وڃي. هاڻي جبري طلاقون ٿي رهيو آهن، زوري پارٽيون ڇڏرايون پيون وڃن. جڏهن ڳالهين جي ڪوشش ڪريان ٿو اڳئين ڏينهن سختي وڌائي ٿي وڃي. چاهيان ٿو ڳالهين سان مسئلا حل ٿين اڳئين ڏينهن سختي وڌائي ويندي آهي. هتياها سوچ پئي هلي ته ڪيئن به ڪري تحريڪ انصاف کي ڪڍو پوءِ اليڪشن ڪرايو. روز گرفتاري ڏيڻ لاءِ تار ويٺو هجان ٿو، مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ بدترين غلامي ٿي رهي آهي. ڪورڪمانڊر جو گھر سڙڻ جي چئن ڏينهن بعد عدالت ۾ خبر پئي اتي ئي مزمت ڪئي. منهنجي گهر تي حملو ڪيو ويو سڄو گهر ڀڃ ڊاهه سبب تباهه ٿي ويو. هن وقت گھر ڊاٿا پيا وڃن، ڇو جو خبر پوي ٿي اهو پي ٽي آءِ وارن جو  گھر آهي.