ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ايس پي سربراه ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته عمران خان جيڪڏهن اليڪشن  جي تاريخ چاهي ٿو ته گڏجي ويهي ڳالهائي، ملڪ کي تباهي طرف نه وٺي وڃي ، عمران خان اسٽيبليشمينٽ جي اعليٰ آفيسرن کي جانور، مير جعفر، غدار ۽ ٻين لقبن سان نوازيو آهي، جنهن تي ملڪ تي جان ڏيندڙ فوجي ته سوچ ۾ پئجي ويا آهن، لاهور ۾ منظور پشتين نالو کڻڻ کانسواءِ ادارن لاءِ ڪجهه چيو ته مٿس غداري جو ڪيس ٺاهيو ويو پر عمران خان لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايا پيا وڃن، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه چوڻ عمران خان لاءِ جائز آهي ته پوءِ سڀني لاءِ جائز هوندو،