ڪراچي (م ڊ) گهوٽ لانگ مارچ ۾ هليو ويو، رٿيل شادي ملتوي، ڪنوار مايوس، ميڊيا تي اچي وئي، هڪ ڪنوار ميڊيا تي اچي ويو آهي ته اسانجي شادي رٿيل هئي، هال، سيلون سڀ بُڪ ٿيل هئا، منهنجو گهوٽ اوچتو عمران خان جي لانگ مارچ ۾ هليو ويو آهي، هاڻ چوي ٿو ته لانگ مارچ تان واپس اچڻ بعد ئي شادي ڪندس، جڏهن ته شادي جا ڪارڊ به ورهائجي چڪا آهن، شادي خراب ٿيڻ ڪري سڀ گهرڀاتي پريشان آهن، هن چيو ته عمران خان کي به عوام جي راءِ وٺڻ گهرجي ها، ڪنهن جي گهر ۾ ڪهڙو پروگرام آهي، ڪنهن گهر ۾ ڪو ٻيو، ان کي به ڏسڻ گهرجي، ڪنوار جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا صارفين دلچسپ تبصرا ڪيا آهن، ڪنهن گهوٽ جي حمايت ته ڪنهن وري مخالف ڪئي آهي.