اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم سان گڏ زرعي پيڪيج جي اعلان وقت ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته هارين لاءِ جيڪو پيڪيج اعلان ڪيو ويو آهي ان لاءِ گهڻي قدر رقم منظور ٿيل بجيٽ ۾ موجود  آهي ان ڪري آءِ ايم ايف سان پيڪيج سبب ڪو مسئلو پيدا نه ٿيندو، اهو پيڪيج ملڪ ۽ قوم لاءِ تمام ضروري هو.