علي گوهر مهر پ پ قيادت خلاف ڳالهائڻ بند ڪري: باري پتافي

0
429

ميرپور ماٿيلو(ن پ ا) صوبائي وزير باري پتافي جي ڊي اي اڳواڻ علي گوھرمھر کي جواب ڏئي ڇڏيو.

پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير باري خان پتافي جو جي ڊي اي اڳواڻ سردار علي گوھر خان مھر کي جواب ڏنو

علي گوھر مھر ڪجهه ڏينھن اڳ جذبات تي قابو نه رکي سگھيو، پ پ قيادت خلاف ڳالھايو، ھن کي چئون ٿا قيادت خلاف نه ڳالھائي.

هن چيو آهي ته علي گوھر مھر تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھو مقبول اڳواڻ آھي، ھو ڪڏھن گورنر ڪڏھن وزير اعليٰ ٿيڻ جي دعويٰ ڪندو آهي

هن چيو ته تاس جي پتن جي ڳالهه ڪري ٿو، تاس تي جنھن جوا کيڏي آھي اھي تباھ ٿيا آھن وڏي لالچ ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو آھي، رب رسي مت کسي، علي گوھر مھر جي سياست ۽ اعمالن جي خدا جي ذات ۽ عوام ناراض ٿيو آھي.

باري پتافي چيو ته قيادت خلاف ڳالھائيندڙ، پاڻ رات جي انڌيري ۾ زبردستي پڳ ٻڌڻ سان ڪو به سردار نه ٿو ٿي سگھي.

ڏھرڪي کي پئرس بڻائڻ جي ڳالھ ڪئي پر هن تباھي آندي، ھن دعوا ڪئي 3 ارب ھن جي ڪري مليا آھن، 2012 عدالت جي حڪم تحت سنڌ حڪومت جي ڪوشش ڪري مليا آھن.

 باري پتافي چيو ته ھڪ وقت تي علي گوھر مھر ماڙي پئٽروليم ڪمپني خلاف مانڌل شر کان تحريڪ ھلائي پاڻ سودو ڪري چپ ڪري  هليو ويو.