پاور اسٽيشنز جي بند ٿيڻ سبب سڄو ملڪ اوندھه ۾ ٻڏي ويو

0
327
سڄو ملڪ اوندھه ۾ ٻڏي ويو
پاور اسٽيشنز جي بند ٿيڻ سبب سڄو ملڪ اوندھه ۾ ٻڏي ويو

لبنان ۾ 2 وڏن پاور اسٽيشنز جي بند ٿيڻ سبب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي

معاشي بحران جي ور چڙھيل لبنان ڪيترن ئي مھينن کان ٻارڻ جي کوٽ جو شڪار آھي ۽ ڪيترائي لبناني شھري بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ جنريٽرز جو استعمال ڪري رھيا آھن

جڏھن تھ ھاڻ لبنان ۾ 2 وڏا پاور اسٽيشن بند ٿيڻ سبب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي ۽ سڄو ملڪ اوندھھ ۾ ٻڏي ويو

غير ملڪي خبرون ڏيندڙ اداري موجب لبنان ۾ بجلي جي بندش ڪجھھ ڏينھن تائين جاري رھندي

رپورٽن موجب الزھراني ۽ دير امار پاور اسٽيشنز فيول ختم ٿيڻ سبب بند ڪيا ويا آھن جنھن کانپوءِ لبنان ۾ بجلي جي پيداوار 200 ميگاواٽ کان بھ ھيٺ اچي وئي آھي

انھيءَ کان اڳ سڄي لبنان ۾ مجموعي طور تي 7 ڀيرا بليڪ آئوٽ ٿي چڪو آھي