ملڪ ۾ فوري طور صاف ۽ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي: فضل الرحمان

0
205
ملڪ ۾ فوري طور صاف

لاھور (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان پاڪ فوج کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا پر مودي به اداري کي ايترو نقصان نه پهچائي سگهي ها، جيترو عمران خان پهچايو آهي، ملڪ ۾ فوري طور صاف ۽ شفاف چونڊن جي ضرورت آهي، ايترو ته مودي به پاڪ فوج کي نقصان نه پهچائي سگهيو جيترو عمران خان پهچايو.

لاھور ۾ نواز ليگ صدر شھباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي، اھم معاملن تي ڳالھيون ڪيون ويون، جڏھن تھ پي ڊي ايم مهانگائي خلاف مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، 31 آڪٽوبر تي ڊيرا غازي خان ۾ جلسو ٿيندو: مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ سنجيده آهي، ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊن جِي ضرورت آهي، شهباز شريف چيو ته نااهل حڪمرانن عوام جو جيئڻ تنگ ڪري ڇڏيو آهي.