عظميٰ بخاري جلسي ۾ نوجوان کي ٿڦ ڇو وهائي ڪڍي؟

0
695
عظميٰ بخاري جلسي

ڪراچي: مسلم ليگ نون جي اڳواڻ عظميٰ بخاري فيصل آباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي جي موقعي تي هڪ نوجوان کي ٿڦ وهائي ڪڍڻ واري معاملي تي پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته وڏن جلسن ۾ ان قسم جا واقعا ٿيندا رهندا آهن ۽ ڌڪا توڙي ٿيلا لڳندا رهندا آهن.

هن چيو ته اهو ڪو ايڏو وڏو واقعو نه هو. ياد رهي ته  ڇنڇر ڏينهن فيصل آباد ۾ پي ڊي ايم جي جلسي جي موقعي تي عظميٰ بخاري هڪ نوجوان کي ٿڦ وهائي ڪڍي هئي. عظميٰ نوجوان کي ٿڦ وهائڻ کانپوءِ اتي موجود ماڻهن کان سوال ڪيو هو ته هي نوجوان ڪير آهي ۽ ڪنهن سان آهي؟ موقعي تي موجود ماڻهن چيو ته هي سيڪيورٽي ۾ آهي. عظميٰ بخاري ڪاوڙ ۾ نوجوان جي سيني تي لڳل سيڪيورٽي وارو بيج به پٽي ڇڏيو هو.