سوال/سروي عمران پاڻ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو هو هاڻ سندس حڪومت ۾ مهانگائي خلاف عوام احتجاج ڪندو

0
412
سوال/سروي عمران پاڻ مهانگائي

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مهانگائي خلاف پي ڊي ايم پاران اربع کان احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي به احتجاج لاءِ تيار آهي، وفاقي حڪومت خلاف مخالف ڌر جي اعلانن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي وڌي وئي آهي،مخالف ڌر پاران روڊن تي اچڻ سٺو عمل آهي، عوام پاڻ به مهانگائي خلاف روڊن تي اچي چڪو آهي، ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته پي ڊي ايم جي احتجاج سان فرق نه پوندو،

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته عوام سان اهڙو حشر ٿيو آهي جو اهي مظاهرا ڪري رهياآهن سياسي پارٽيون جيڪي عوام جي خدمت ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون انهن کي احتجاج ڪرڻ گهرجي پي ڊي ايم جو فيصلو صحيح آهي، گل حسن شر لکيو ته پي ڊي ايم جي جلسن سان ڪو به فرق نه پوندو، مھانگائي عالمي مسئلو آھي جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ پاڪستان حڪومت جي وس ڳالھه ناھي،

پرويز خاصخيلي لکيو ته باقي ٻه سال صبر ڪن ٿيندو ڪجهه به نه. نياز سومرو لکيو ته پي ڊي ايم جو فيصلو تمام بھترين آھي، عوام کي پي ڊي ايم جو ساٿ ڏيڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻو پوندو، بجار خان جعفري لکيو ته پي ڊي ايم جو تمام بھترين فيصلو آھي ڇو ته عمران خان جيڪڏھن پنج سال اقتدار ۾ رھيو ته ملڪ ۽ عوام عذاب ڀوڳيندو رھندو، علي گل شيخ لکيو ته ن ليگ جي جڏهن حڪومت ھئي ته مھانگائي خلاف عمران جي پارٽي پڻ احتجاج ڪيو ھو.

ھاڻي عمران خان جي حڪومت آهي ته مخالف ڌر عمران خان جي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ مھانگائي جو سھارو ورتو آهي، فيض علي زرداري لکيو ته ڪجهه به ڪونه ٿيندو پي ڊي ايم کان، عرفان سيلرو لکيو ته اهي پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ چاهين ٿا، عزيزالله شر لکيو ته نواز شريف کي گهرجي ته واپس اچي حڪومت خلاف احتجاج ڪري، شاهد ڏاهري لکيو ته مهانگائي خلاف احتجاج لازمي آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته عوام کي رليف ڏنو وڃي مهانگائي گهٽائي وڃي، نوڪرِ حسين ميمڻ لکيو ته پي ڊي ايم جو سٺو قدم آهي، ظفر رند ۽ دليپ ڪمار لکيو ته بهترين قدم آهي،

صفدر سنڌي لکيو ته حڪومت چاهي ته مهانگائي ختم ٿي ويندي، ثناءُالله چنا لکيو ته عمران خان ڪنٽينر تي بيهي نواز حڪومت تنقيد ڪندو هو ته حڪومت ۾ چور آهن هاڻي ايماندار جي حڪومت آهي ان غريب طبقي جو جئڻ جنجال ڪريو ڇڏيو آهي اپوزيشن کي ظالم حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي، فدا حسين لغاري لکيو ته پ پ مان ڪا به چڱائي جي اميد ناهي، بشير رضا مهر لکيو ته اپوزيشن وٽ احتجاج کانسواءِ ڪو چارو ناهي، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته مخالف جماعتن جو احتجاج عمران سرڪار کي هن وقت تائين ڪُجھه نه ڪري سگهيو آهي عوام پاڻ پوري ملڪ اندر ڌرڻا هڻي، نماڻو نوناري لکيو ته احتجاج ڪرڻ گهرجي،

جاويد احمد، امان الله ڪلوئي به سروي ۾ حصو ورتو، وحيد ڄامڙو لکيو ته ملڪ اندر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آهي عوام روڊن تي نڪري اچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، شنڪر باغي لکيو ته عوام چاهي ٿو ته هي سرڪار گهر ڀيڙي ٿئي، غلام علي گل لکيو ته عوام کي پي ڊي ايم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، نور محمد ڪنڀر لکيو ته مهانگائي عوام جو رت چوسي ورتو آهي، علي بخش شر لکيو ته نيازي سرڪار کي اپوزيشن جي حمايت حاصل آھي، نياز ڪلوئي لکيو ته سٺو عمل تمام بھترين فيصلو آهي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته عوام کي گهرجي ته مهانگائي خلاف احتجاج ڪري، نورالدين مسرور لکيو ته پي ڊي ايم جو سٺو قدم آهي،

جمال الدين چنا لکيو ته هر ڪنهن کي پنهنجو مطلب آهي، عمران جوڻيجو لکيو ته ملڪ کان ٻاهر اربين رپيا کڻي ويندڙن جو احتساب ڪريو، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته عوام پي ڊي ايم جو ساٿ ڏئي، قادر بخش زئور لکيو ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، شبير حسين ڀوت لکيو ته احتجاج ڪرڻ گهرجي، عبدالرحمان چان، ممتاز سميجو به سروي ۾ حصو ورتو، سريش ڪمار چوهاڻ لکيو ته عوام کي به احتجاجي مظاهرا ڪرڻ گهرجن، آسن داس لڇواڻي لکيو ته هرڪو پنهنجي ڪرسي خاطر پهرئين وڏا وڏا خواب ڏيکاريندا آهن،

عاشق حسين لکيو ته پي ڊي ايم صرف رڳو اعلان ڪري ٿي، مڪيش ڀوراڻي، برڪت علي مهر به سروي ۾ حصو ورتو، اويس ملاح لکيو ته عوام پي ڊي ايم ۽ پ پ جي اعلان کان پهريان ئي پاڻمرادو حڪومت خلاف روڊ ته اچي چُڪو آهي، عابد ڀٽي لکيو ته پي ڊي ايم ۾ اميدو آھن، بلاول ڪنڀر لکيو ته مهانگائي جي خلاف ڌرڻو هڻڻ اجايو آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته  هي سڀ پاڻ ۾ مليل آهن سنجيدگي سان عوامي سياست ڪن ته عوام روڊن تي ڇو نڪري، خان بلوچ، مدثر کهاوڙ، آزاد هنڱورجو، زاهد باجڪاڻي، عبدالستار سهرياڻي، لياقت ملاح، آفتاب لغاري، عزيزالله شر به سروي ۾ حصو ورتو.