وارهه ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جا مڙهه قمبر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

0
170

قمبر (ن پ ا) قمبر ۾ گذريل رات چانڊيا ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڦر معاملي تان ٿيل جهيڙي دوران مارجي ويل چانڊيا برادري جي ٻن ڄڻن خالد چانڊيو ۽ صابر چانڊيو جي نماز جنازہ ڳوٺ قمبر جي ڳوٺ نصير محمد مرزاڻي ۾ ادا ڪئي وئي.

مقتول جا مڙھ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن تہ پوليس انتظاميا طرفان جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪري امن امان جي صورتحال کي بحال ڪيو ويو آهي.

ھي به پڙھندا

وارھ ويجھو ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، پوليس اھلڪار سوڌو 3 ڄڻا زخمي