وارھ ويجھو ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، پوليس اھلڪار سوڌو 3 ڄڻا زخمي

0
466
ڪرمپور ۾ جعفري-جتوئي

وارھ (ن پ ا) وارهه ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا، پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ نصير محمد چانڊيو ۾ چانڊيا ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو

چانڊيا ڌر جا صابر ۽ خالد چانڊيو، بروهي ڌر جا نادر، محمد عالم ۽ ڀورل بروهي قتل ٿي ويا، بروهي برادري سان واسطو رکندڙ مقتولن جا مڙهه قمبر اسپتال منتقل ڪيا ويا

 چانڊيا برادري جي مقتولن جا لاش چانڊڪا اسپتال پهچايا ويا، زخمين ۾ پوليس اهلڪار امداد چانڊيو، نويد بروهي ۽ معشوق چانڊيو شامل آھن

 جهيڙي بعد ڌرين ۾ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ موجب جهيڙي جا مختلف ڪارڻ ٻڌايا پيا وڃن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.