پاڪستان جاڳي پيو: پاڪ نيوي ڀارتي آبدوز کي ملڪي حدن مان ڀڄائي ڪڍيو

0
324

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪ نيوي ڀارتي سامونڊي فوج جي هڪ سب ميرين جي پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيڻ واري ڪوشش کي هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام بڻائي ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي نيوي جي هڪ آبدوز 16 آڪٽوبر تي پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پاڪ نيوي ڀارتي سب ميرين

پاڪ نيوي پنهنجين پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ لاڳيتي نگراني سان ڀارتي آبدوز جي سرگرمين جو وقت سر پتو لڳائي ورتو ۽ ڀارتي سب ميرين کي نشانو بڻائي ملڪي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. ڀارتي نيوي جي سب ميرين اڳ به ٻه ڀيرا پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري چڪي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهڙا واقعا ڀارت جي مڪروهه ارادن کي وائکو ڪن ٿا.