سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان عطائي ڊاڪٽر سماج لاءِ خطرناڪ جي عنوان هيٺ هڪ ڏينهن وارو سيمينار سکر جي مقامي هوٽل ۾ ٿيو. هيلٿ ڪيئر ڪميشن چيئرمين انيس الحسنين موسوي خطاب ڪندي چيو ته عطائي ڊاڪٽر، حڪيم ۽ اڻپڙهيل ماڻهو مريضن جي مشڪلاتن ۾ واڌ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هيپاٽائيٽس، ڪينسر، جگر ۽ ٻين بيمارين جو علاج غريب ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي. هن پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن، پوليس، ڊاڪٽرن، سماجي تنظيمن سميت ميڊيا پرسنز کي اپيل ڪئي ته هو اسان سان ٻانهه ٻيلي ٿي عوام ۾ جاگرتا پيدا ڪن ته هو غير مستند ڊاڪٽر، حڪيم ۽ عطائين سان علاج نه ڪرائين.هن سيمينار ۾ آيل سمورن شرڪت ڪندڙن کي اپيل ڪئي ته هو عام ماڻهن ۾ جاگرتا پيدا ڪن. سيمينار ۾ انيس الحسنين موسوي سکر آءِ بي اي جي اڳوڻي وائس چانسلر نثار احمد صديقي جي تعليم لاءِ ڪيل خدمت کي ساراهيندي مرحوم لاءِ فاتح خواني ڪرائي. ان کان اڳ چيف ايگزيڪٽو آفيسر سيد باقر رضا رضوي، ڊائريڪٽر اينٽي ڪيوڪري ڊاڪٽر خالد شيخ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي اغراض ۽ مقاصد کان آگاهه ڪيو. سيمينار جي نگران ڊائريڪٽر اينٽي ڪيوڪري غلام ياسين ويسر بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2019 کان 2021 تائين عطائين خلاف 9450 انسپيڪشنز ڪيون جنهن مان 4911 سيل ڪيون ويون، 2368 کي وارننگ ڏني وئي، 676 کي ري سيل ڪيو ويو 113 ليبارٽريون سيل ڪيون ويون آهن مجموعي طور تي 1495 شڪايتن تي ايڪشن ڪيو ويو آهي. سيمينار ۾ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪيمشن جو چيئرمين انيس الحسنين موسوي ۽ اعزازي مهمانن ۾ چيف ايگزيڪٽو آفيسر سيد باقر رضا رضوي، ڊائريڪٽر اينٽي ڪيوڪري ڊاڪٽر خالد شيخ ۽ اي ڊي سي ٽو ماجد علي ماڪو، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز سکر ڊاڪٽر جميل احمد مهر، ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي سميت ٻين آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا.