شهدادڪوٽ (رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ايس يو پي جي سڏ تي ڪارڪنن خالي دلا، مٽ ۽ ڪولر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي پبلڪ ھيلٿ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ الهداد خشڪ، ڪامريڊ بچل باغي، پير بخش ڀٽي، حاڪم مستوئي، حمل خشڪ، ذوهيب تونيو، حيات تنيو ۽ ٻين چيو ته ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ جي نااهلي سبب 6 لک کان وڌيڪ آبادي واري شھر جا رهواسي پيئڻ واري پاڻي جي ڍ ڪ لاءِ پريشان آهن، هنن چيو ته شھر جي مسجدن ۾ نمازين لاءِ وضو جو پاڻي به ميسر ناهي، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر پيئڻ جو پاڻي نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.