لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ڊرگهه پور درگاهه پير رانجهن شاهه جي رهواسي بيمار پيرسن مبينا طور دوائون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن اياز علي تونيو ٻڌايو ته سالن کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهيان ۽ مختلف وقتن تي لاڙڪاڻي جي سول اسپتال اچي علاج ڪرائيندو آهيان. هن الزام لڳايو ته کيس دوائون ناهن ڏنيون ويون، هن مطالبو ڪيو ته کيس دوائون ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.