ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڀاڄيون بدستور مهانگيون، شهري پريشان، ان ڏس ۾ ڪراچي جي مارڪيٽن جي ورتل جائزي موجب گرمي جي تازي لهر سبب مختلف ڀاڄين جون وليون سڙي وڃڻ ڪري ميهن ، تورين ۽ ٽماٽن کي نقصان پهتو آهي، شهر ۾ ميها ۽ ڀينڊيون 160، بند گوبي 140، توريون 120، مٽر (پيز )240، بصر ۽ پٽاٽا 50 ۽ ٽماٽا 60 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا هئا.