ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ ريڪارڊ لاٿ، هڪ ڏينهن ۾ في تولي تي 2300 رپين جي گهٽتائي، ڊالر ۾ به لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 2300 رپيا لاٿ سان 109600 مان 107300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 30 رپيا واڌ سان 1430مان 1460 رپين تي پهتي، هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر20پئسا لاٿ سان 157.6 مان 157.4 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 10 پئسا اضافي سان 221 مان 221.1 رپيا ۽ يورو 10 پئسا واڌ سان 190 مان 190.1 رپين تي پهتا