ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي مشهور اداڪارا عروه حسين هدايتڪار نديم بيگ جي ويجهڙ ۾ ڏنل بيان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن هدايتڪار نديم بيگ ۽ نبيل قريشي فهد مصطفيٰ جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيا جتي هڪ سيگمنٽ دوران هن کان سوال ڪيو ويو ته سيٽ تي سڀ کان وڌيڪ نخرا ڪير ڏيکاريندو آهي؟ جنهن تي نديم بيگ عروه حسين جو نالو ورتو ۽ گڏوگڏ ئي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عروه ۽ همايون سعيد اسٽيپس ۾ رت جا ڳوڙها روئاريندا آهن. جنهن تي عروه حسين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي انسٽاگرام تي نديم بيگ جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته هن نديم بيگ سان گڏ صرف هڪ ئي پراجيڪٽ ڪيو آهي جنهن ۾ منهنجي گيت “لڪ هلنا” بابت هن کي اختلاف هو جنهن تي هن سان بحث ٿيو ۽ مونکي لڳو ته اهو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. اداڪارا چيو ته افسوس آهي ته منهنجي شخصيت کي صرف سيٽ تي بحث ڪرڻ سبب غلط طريقي سان پيش ڪيو پيو وڃي. انڊسٽري جي ٻين فنڪارن به عروه حسين جي حمايت ڪئي ۽ هن کي معاملو درگذر ڪرڻ جو مشورو ڏنو.