ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور ترين ڪاميڊي شو جي ميزبان ۽ اداڪار ڪپل شرما پنهنجي پهرين پگهار جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ۾ بهترين زندگي گذاريندڙ ڪپل شرما جي زندگي هميشه اهڙي نه هئي. هڪ انٽرويو ۾ ڪپل ٻڌايو ته مان پنهنجي پهرين نوڪري اباڻي شهر امرتسر ۾ ڪئي هئي ۽ ان وقت منهنجي عمر رڳو 14 سال هئي. ڪپل شرما چيو ته مان هڪ پي سي او ۾ پارٽ ٽائيم ملازمت ڪندو هيس جيئن مان پنهنجي جيب خرچي ڪڍي سگهيان، ان وقت مونکي صرف 5 هزار رپيا مهيني تي ملندا هئا.