رياض(انٽرسٽنگ نيوز) سعودي عربي ۾ ٿيندڙ “العلا اُٺن جي ڊوڙ” ۾ راندين جي دنيا جي سڀ کان وڏي انعامي رقم ڏني ويندي. سعودي ميڊيا موجب اها اُٺن جي ڊوڙ جي ٽورنامينٽ مشهور سياحتي هنڌ العلا ۾ منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ سڄي دنيا مان حصو وٺندڙ 40 بهترين اُٺن جي مالڪن تي انعامن جي برسات ڪئي ويندي جنهن جي گڏيل ماليت 80 ملين سعودي ريال بڻجي ٿي. اها وڏي رقم ڊالرن ۾ ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ جڏهن ته پاڪستاني رپين ۾ 5 ارب 95 ڪروڙ بڻجي ٿي، دنيا ۾ هن وقت تائين ڊوڙ جي راند ۾ ايتري وڏي انعامي رقم ناهي ورهائي وئي. العلا ۾ راندين جي شعبي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر زياد السحيباني ٻڌايو ته العلا ڪيترين ئي تهذيبن جو گهر آهي ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وزن 2030ع تحت راندين جي لاڳيتو حمايت سبب ايتري وڏي انعام رقم مقرر ڪئي وئي آهي.