اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڏنل وارننگ ڪم ڏيکاري ڇڏيو، وفاقي گادي واري شهر مان گم ٿي ويل شهري حسيب حمزه پنهنجي گهر پهچي ويو. رپورٽ موجب اسلام آباد جي شهزاد ٽائون ٿاڻي جي حد مان لاپتا ٿيندڙ شهري حسيب حمزه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سيڪيورٽي ادارن کي ڏنل وارننگ کان پوءِ آزاد ٿي ويو. پوليس شهري حمزه کي وٺي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿي ويل شهري حسيب حمزه جي بازيابي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ بازياب ٿيل حمزه حسيب کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيڏانهن ويا هئا؟ حسيب جواب ڏنو ته منهنجي اکين تي پٽي ٻڌل هئي مون کي خبر نه آهي ته ڪٿي هئس، ان موقعي تي پوليس چيو ته اسان جاچ ڪري رهيا آهيون ته ڪيس داخل ٿيڻ ۾ دير ڇو ٿي؟ هن جي گم ٿيڻ جي به جاچ ڪري رهيا آهيون. عدالت سوال پڇيو ته حمزه کي ڪنهن کنيو هو، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ حمزه جي والد 23 آگسٽ تي ايس ايڇ او وٽ ويو ته ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي ۽ عدالتي نوٽيس کان پوءِ پوليس ڪيس داخل ڪيو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته اڄ به ماڻهو گم ٿي رهيا آهن، هي نظام ڪيئن هلندو؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته نظام ۾ ڪجهه ڪوتاهيون آهن پر مڪمل جاچ ڪنداسين.
ايڊووڪيٽ جنرل جي بيان تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته نظام ۾ غلطيون ناهن، احتساب ئي نٿو ٿئي نه ئي وري ذميوارن کي سزائون ملن ٿيون، اهو ٻڌايو هن کي ڪنهن کنڀيو هو ۽ ان جي جاچ ڪير ڪندو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته آءِ جي اسلام آباد پاڻ شهري حمزه جي گمشدگي ڪيس جي جاچ ڪري. مڪمل جاچ کان پوءِ رپورٽ رجسٽرار هاءِ ڪورٽ وٽ جمع ڪرائي وڃي. جسٽس اطهر من الله حڪم ڏنو ته جاچ ٿيڻ گهرجي شهري کي ڪنهن اغوا ڪيو هو، ماضي جي حڪمن جي روشني ۾ اختياريون ذميواري ادا نه ڪندڙن جي به نشاندهي ڪن. حمزه حسيب جي والد چيو ته منهنجو ڪيس ته صرف ايترو ئي هو، منهنجو پٽ ملي ويو آهي. مون کي هاڻ ڪجهه نه گهرجي. جنهن کان پوءِ عدالت شهري جي بازيابي کان پوءِ درخواست اڪلائي ڇڏي.