اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته آئين ۽ قانون تحت آرمي چيف جو فيصلو ٿيندو ۽ هي فتنو ويهجي ويندو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته مرضي جي آرمي چيف جو نه ڪڏهن چيو آهي نه وري سوچيو آهي، ان حوالي سان عمران خان جو بيانيو مڪمل طور رد ڪرڻو پوندو، عمران خان فتنو آهي ۽ هر طرف فتنو ڦهلائڻ چاهي ٿو،  هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن ۾ ججن جو تعداد ٻين جي مقابلي ٻيڻو آهي، ججن جي مقرري تي ججن ۾ ئي اتفاق نه هو، رانا ثناءُ الله چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ٿيندو ته ماڻهو حيران ٿي ويندا.