لنڊن(م ڊ) عالمي منڊي ۾ ڪچو تيل سستو ٿي ٻن هفتن جي سڀ کان گهٽ سطح تي اچي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ ڪروڊ آئل (برينٽ) جي قيمت 1.07 ڊالر يعني 1.3 سيڪڙو گهٽجي 81.59 ڊالر في بيرل ٿي وئي. جيڪا 22 فيبروري بعد سڀ کان گهٽ آهي.