اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيمرا نجي ٽي وي چينل جي پروگرام “لائيو ود ڊاڪٽر شاهد مسعود” تي ٻن هفتن لاءِ پابندي لڳائي ڇڏي، پيمرا پاران جاري ڪيل بيان موجب 16 فيبروري 2023ع تي نشر ٿيل پروگرام ۾ ڊاڪٽر شاهد مسعود ترڪي جي زلزلي متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڏنل امداد جي حوالي سان ڪوڙو مواد نشر ڪندي بي بنياد تبصرو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي تعلقات کي ناقابل تلافي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن سان ملڪ جي خواري به ٿي.