ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) تعليم کاتي پاران هيڊ ماستر طور ترقيون ماڻيندڙ 151 استادن جون مٿين عهدن تي مقرريون ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  اشفاق لاکو، محمد گلاب، مشتاق سومرو، امام بخش ميراڻي، ممتاز تنيو، نجمه مڱڻهار، اقبال بيگم، عطاالله، زينت خاتون، محمد نواز، شفيق سومرو، شبير مهر، طلعت فاطمه، سرفراز احمد سميت 151 ڄڻن کي عمرڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن جي اسڪولن ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو آهي.