واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن طرفان ٻارڻ تي لاڳو ٽيڪس ۾ ٽن مهينن لاءِ ڇوٽ ڏيڻ جي خبر سامهون  ايندي ئي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽجي ويا. اربع تي عالمي مارڪيٽ ۾ برطانوي برينٽ ڪروڊ آئل جي قيمت تقريبن 6.5 سيڪڙو معنيٰ 7.49 ڊالر في بيرل گهٽ ٿي 107.16 ڊالر ٿي وئي. ان کانسواءِ آمريڪي ڪچي تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي قيمت 7.1 سيڪڙو معنيٰ 7.74 ڊالر گهٽ ٿي 101.78 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن جلد ڪانگريس سامهون اها تجويز پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته آمريڪي شهرين کي وڌندڙ قيمت کي ڏسندي رليف ڏيڻ لاءِ فيڊرل ٽيڪس ۾ 3 مهينن جي ڇوٽ ڏني وڃي. آمريڪا ۾ پيٽرول تي هن وقت 18.4 سينٽس في گيلن فيڊرل ٽيڪس ورتو پيو وڃي، جڏهن ته ڊيزل تي 24.4 سينٽ في گيلن ٽيڪس لاڳو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس مان منظوري ضروري آهي.