اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سمنڊ پار پاڪستانين کي خراج  تحسين ۽ انهن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ 5 ڪروڙ 70 لک ڊالر پرڏيهه مان پاڪستان اماڻي سمنڊ پار پاڪستانين هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، هڪ ڏينهن اندر پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين  پاران موڪليل 5 ڪروڙ 70 لک ڊالر  اسٽيٽ بينڪ کي مليا آهن، هڪ ڏينهن ۾ آيل رقم کان پوءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ رقم وڌي 4.5 ارب ڊالر کان وڌي وئي آهي.