اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان سان ٿيندڙ ڳالهين بابت حتمي فيصلو آئين جي روشني ۾ پارليامينٽ جي منظوري سان ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جي رهنمائي سان ان مامري کي اڳتي وڌائڻ  تي اتفاق ڪيو ويو، قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت پاران ڏنل بريفنگ بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارليامينٽ جو ان ڪيمرا اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ طالبان سان ڳالهيون آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ٿينديون، جيڪي مطالبا آئين ۽ قانون جي دائري ۾ نه ايندا اهي تسليم نه ڪيا ويندا، تفصيل موجب وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي بابت ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي، پارلياماني، سياسي قيادت ۽ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ جي ميمبرن ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ملڪي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ملڪ کي داخلي ۽ خارجي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ لاءِ قومي سلامتي قومي جي ذميوار ادارن ايندڙ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو، قومي سلامتي جي اجلاس ۾ پاڪستان، افغانستان سرحد تي انتظامي مامرن بابت به آگاهي ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ نهايت ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو، اجلاس ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو، اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو، پاڪ فوج ۽ پاڪستاني عوام جي  بيمثال قربانين ڪري ملڪ ۾رياستي عملداري، امن امان جي بحالي ۽ معمول جي زندگي جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو، اڄ پاڪستان جي ڪنهن حصي ۾ به منظم دهشتگردي جو ڪوئي ڍانچو باقي ناهي رهيو، قومي سلامتي جي اجلاس ۾ شريڪ سياسي ۽ پارلياماني قيادت کي ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ٿيندڙ ڳالهين جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس ۾ٽي ٽي پي سان ڳالهيون شروع ٿيڻ جي سمورن پس منظرن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته افغانستان جي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جو عمل جاري آهي، جنهن ۾ حڪومتي قيادت ۾ سول، فوجي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽي نمائندگي ڪندي آئين پاڪستان جي دائري ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي، جنهن تي حتمي فيصلو پاڪستان جي آئين جي روشني ۾ پارليامينٽ جي منظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل رهنمائي ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو، سياسي قيادت مامرن سان منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، قومي سلامتي جي اجلاس کان پوءِ سڌ سماءَ جي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله چيو ته قومي سلامتي جي اجلاس ۾ عسڪري، سياسي قيادت شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٽي ٽي پي سان ڳالهين سميت قومي سلامتي جي مامرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي،  اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن به پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان طرح جي بريفنگ لاءِ  پارليامينٽ جو ان ڪيمرا اجلاس طلب ڪيو ويندو، وزيراعظم ايوان کي قومي سلامتي بابت اعتماد ۾ وٺندو ۽ هن بريفنگ بابت پارليامينٽ جي ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويندو، پارليامينٽ جي رهنمائي ۽ اونرشپ ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌايو ويندو، اجلاس ۾ اهو بنيادي مامرو طئه ڪيو ويو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون آئين تحت ٿينديون، هن چيو ته جيڪو آئين مطابق مطالبو نه هوندو ان تي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، ڇا طالبان کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي ڪا تجويز آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو ته اهڙي سوچ ته موجود آهي جن کي رياست خلاف ڀڙڪائي استعمال ڪيو ويو جن مان ڪجهه ڪردارن جو ڏوهه ته ناقابل معافي آهي، انهن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جن جون فيمليون ۽ ٻار آهن، ڇا انهن کي ڇڏيو وڃي اهي به ان ماحول ۾ وڏا ٿين ۽ دهشتگرد ٿين، اها راءِ موجود آهي ته انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، اهي قانون تي عمل ڪندڙ شهري طور سوسائٽي جو حصو ٿين، هن چيو ته پيپلز  پارٽي مان اڳوڻو صدر آصف زرداري پاڻ اجلاس ۾ موجود هو، آصف زرداري پوري طور تي ان جي حق ۾ هو ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجي، جيڪا به اڳڀرائي ٿئي اها پارلياماني ڪاميٽي ۽ پارليامينٽ جي اونرشپ هجڻ گهرجي، اهو سمورو مامرو پارليامينٽ جي رهنمائي ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي، عسڪري قيادت به ان تي مڪمل متفق هئي، ڳالهين بابت ڪو اعتراض نه آيو، ڳالهيون جڏهن آئين ۽ قانون تحت هجن ته پوءِ ان تي اعتراض ڪرڻ جي گنجائش تمام گهٽ ٿي وڃي ٿي، جيڪو مامرو غير آئيني هوندو ان تي ڳالهه ٻولهه ئي نه ٿيندي، هن چيو ته پارليامينٽ رهنمائي ڏيندي ان رهنمائي جي روشني ۾ مامرا اڳتي وڌندا، جيڪو آئين ۽ قانون کي تسليم ڪري ٿو ان خلاف اگر ڪو الزام آهي ته اهو قانون سامهون پاڻ کي پيش ڪندو، ان بعد ڪوئي اعتراض نه ٿو ٿي سگهي.