اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ فنڊنگ بابت برطانوي اخبار جي رپورٽ بعد عمران کان صحافين جا سوال، ڪو به جواب نه ڏنو، صحافين عارف نقوي بابت عمران خان کان سوال ڪيا، هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا عارف نقوي اوهان جو بزنس پارٽنر هو، جنهن جو عمران پهريان جواب نه ڏنو پوءِ اهو چوندو هليو ويو ته ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏيندس، جنهن تي صحافي کيس چيو ته ڇا توهان پنهنجي دادلن اينڪرز ۽ صحافين جا جواب ڏيندا؟ انهن کي وٺي اچان، جنهن تي عمران خان ڪنڌ هيٺ ڪري هليو ويو. عمران خان جي سيڪيورٽي اهلڪارن صحافين کي ڌڪا به ڏنا، ان کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ عمران خان چيو هو ته عارف نقوي سٺو ماڻهو آهي پارٽي کي فنڊ ڏيندو رهيو آهي.