ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين  ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ  عام ماڻهن جي پارٽي آهي، اسان  مصيبت وقت  عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. ڪالهه بلاول هائوس ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات  دوران هن چيو ته هاڻوڪين رڪارڊ برساتن دوران سنڌ حڪومت جي نمائندن ۽ پ پ اڳواڻن جو عوام جي وچ ۾ رهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ساراهه جوڳو عمل آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ سڄي ملڪ جي عوام جي مدد لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي.